گھوٽڪي( پ ر ) ٽئين گھوٽڪي فيسٽول جي سلسلي ۾ جنرل ڪائونسل جي گڏجاڻي ڪنويئنر برڪت ميراڻي جي صدارت ۾ ميرپورماٿيلو ۾ ٿي گذري جنھن گھوٽڪي فيسٽول ڪائونسل جي ميمبرن روف پارس دايو، آغا بلاول، آفتاب خاصخيلي، عباس کوسو، سيف چاچڙ، سڪندر اوڳاھي، عمران سومرو، بلال سومرو، عدیل میرانی ۽ مختلف تنظيمن، سياسي سماجي، ادبي، صحافي دوستن سائل قاضي، اشرف بخاري، علي نواز جلباڻي، ساجد عباسي، ڪاشف بوزدار، عابد فراز ، علی حسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ 15. 16 فيبروري تي ميرپورماٿيلو منعقد ٿيندڙ ٽئين گھوٽڪي فيسٽول جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريبن، اسٽالز، مختلف ٿيندڙ سيشنز ۽ ٻين مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ۽ غور ويچار ڪيو ويو فيسٽول ۾ ٿيندڙ سيشز ۽ انھن ۾ حصو وٺندڙ مقررن جي نالن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو ان کان علاوہ فيسٽول تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳائي فنڊ گڏ ڪرڻ جي حوالي سان 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي فيصلو ڪيو ويو تہ ايندڙ گڏجاڻي 12 جنوري تي ميرپورماٿيلو ۾ ٿيندي جنھن ۾ فيسٽول جي سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي
1st Meeting for 3rd Ghotki Festival
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment