2nd Meeting for 3rd Ghotki Festival 2020

ٽئين گهوٽڪي فيسٽيول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ.جنرل ڪونسل جو اجلاس،ميلي جون تياريون تيز رپورٽ موجب گھوٽڪي فيسٽيول جنرل ڪونسل جي گڏجاڻي پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ برڪت ميراڻي ، الھورایو بوزدار، سيف الرحمان ، عباس کوسو، رئوف پارس دایو،اشرف شاھ،جي ایم لاڙڪ،لطیف لغاري، فهيم وسير ،عدنان سومرو،امین سومرو،عمران سومرو،ڪاشف بوزدار،عابد،غازي وسیر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي طئي ڪيو ويو ته 15 فيبروي تي شام جو فيملي پارڪ ميرپور ماٿيلو ۾ رنگا رنگي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ نامياري شخصيتن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جا مشهورگلوڪار سرن جي ورکا ڪندا.ان سلسلي ۾ برڪت علي ميراڻي،الھورایو بوزدار،رئوف پارس دایو،عباس علي کوسو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ميلي جي ٻئي ڏهاڙي تي مختلف سيشن ٿيندا جنهن ۾ مختلف ڪتابن جي مهورتي تقريب،ڪيريئر ڪائونسلنگ،مهذب معاشري ۾ نوجوانن جو ڪردار،پر امن معاشري ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار،سوشل ميڊيا جي اهميت ۽ استعمال،عورتن کي بااختيار بنائڻ بابت سيشن سميت مختلف اسڪولن وچ ۾ چٽاڀيٽي ۽ مختلف قسم جا اسٽال پڻ ميلي جي سونهن هوندا. ٽئين گهوٽڪي فيسٽول جي پڄاڻي ساز۽ سرن جي ورکا سان ڪئي ويندي اختتامي تقريب ۾ مختلف شخصيتن جي شرڪت پڻ يقيني بڻائي ويندي. ٽئين گهوٽڪي فيسٽول جي تياريون زور شور سان جاري آهن .






























No comments:

Post a Comment

Pages